مڪمل حديث۔۔۔
امام صدق ع جي حديث آهي۔۔۔
إن فطرس ملك کان یطیف بالعرش ، فتلکا في شيءٍ من أمر الله ، فقص جناحه ورمي به علی ٰ جزیرة ، فلمّا ولد الحسین هبط جبرئیل إلی رسول الله ( صلی الله علیه و آله ) تهنیة بولاة الحسین ع فمرَّ به ، فعاذ بجبریل فقال ، قد بعثت إلی محمدا اُهنیه بمولود ولد له ، فإن شئتَ حملتك إلیه ، فقال : قد شئتُ ، فحمله ، فوضعه بین یدي رسول الله ، و بصبص بإصبعه إلیه ، فقال له رسول الله ( صلی الله علیه و ‌آله ): امسح جناحك بحسین ، فمسح جناحه بحسین ، فعرج ۔(السرائر، جلد3، صفحو 580 )



ان جي باري ۾ مستفيض روايتون موجود آهن (تواتر کان گهٽ) ڪجه عالم انهن روايتن کي مبهم ضعيف سمجهن ٿا جيئن آيت الله خوئي۔۔۔۔
ان ڪري مبهم سمجهن ٿا ته ملائڪ قران جي مطابق معصوم آهن ء هر حال ۾ مطيع رهن ٿا۔۔۔
ائين ئي سائين طباطبائي انهن حديثن کي قرآن جي مخالف هجڻ جي ڪري رد ڪن ٿا، ڇو ته قرآن ۾ آهي ته (لا یَعْصُونَ اللهَ ما أَمَرَهُمْ وَ یَفْعَلُونَ ما یُؤْمَرُونَ سوره تحریم آیه 6 ) (وَ هُم بِأَمْرِهِ یَعْمَلُون‏ سوره انبیاء (ع) آیه 27)
ليڪن سائين جوادي آملي حديث مستفيض هجڻ جي ڪري(اهو قاعدو آهي ته جيڪدهن ڪا هديث سند جي لحاظ سان ضعيف هجي ته ڪثرت روايت ان ضعف جو جبران ڪري ٿي) احاديث ء آيات کي هڪ ٻئي جي موافق ثابت ڪيو آهي اهو هن طرح ته ملائڪن ۾ درجا آهن يعني هڪٻئي کا مٿاهون مان رکن ٿا جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي ته
(وَ ما مِنّا إِلاّ لَهُ مَقامٌ مَعْلُومٌ سوره صافات، آیه 164) هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي ۔انتهئ۔
ٻيو اهو ته خدا جي اطاعت ۾ جلدي ء دير ڪرڻ ملائڪن جي اختيار ۾ آهي جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي (و النازعات غرقا ... فالسابقات سبقا * فالمدبرات أمرا)

جيڪدهن ان تئاويل کي قبول نه ڪبو ته پوء نبيين ع جي ڪوتاهين جو جواب ڇا دبو؟(نبيين ع جون ڪوتاهيون آيتن ء روايتن مذڪور آهن۔


پر وري به غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته مسئلو فقهي نه پر عقائدي آهي ء عقائد لاء متواتر روايتن (قطع) جي ضرورت آهي۔
الله اعلم۔۔۔۔۔۔۔