سوال هي آهي ته اهل سنت جا ڀائر اعتراض ڪندا آهن ته جيڪڏهن
علي (ع) جو خليفن سان اختلاف هو ته پو پنهنجي پٽ جو نالو ”عثمان بن علي “
ڇو رکيو ؟ جڏهن ته انسان گهڻو ڪري پنهنجي اولاد جو نالو ان سان منسوب ڪندو
آهي جنهن سان محبت هوندي آهي ۔
ان نالي لا تاريخي حوالو:(تهذيب الانساب ص 27)
جواب:
سڀ کا پهريان ڪجھ ضروري ڳالهيون:1_عرض اهو ته ڪجھ نالا رسمي ءِ رواجي هوندا آهن ءِ ڪجھ غير رواجي.
2_نالن جو ڀلو يا برو هجڻ انهن جي مصداقن جي ڪري هوندو آهي، پوء اها ڀلائي
يا برائي اهسته آهسته ءِ دير سان انهن لفظن ڏانهن منتقل ٿيندي آهي، اڃان
به اگر اهي رسمي نالا مذهبي هجن ته ڪڏهن به برائي انهن ۾ منتقل نه ٿيندي
آهي.
3_اها برائي فقط غير رسمي نالن ۾ جلدي منتقل ٿيندي آهي جڏهن ته رسمي ءِ
رواجي نالن ۾ برائي جلدي منتقل نه ٿيندي آهي مثال زيد ابوبکر عمر عثمان
جعفر موسى عيسى وغيره.
4_ جڏهن ڪو نالو رسمي هجڻ سان گڏوگڏ مذهبي هجي ته ان ۾ ڪڏهن به برائي
منتقل نه ٿيندي آهي جيئن عبدالرحمن عبدالله عبد المطلب وغيره.
هاڻي پاڻ ئي آرام سان فيصلو ڪري سگهو ٿا ته خلفاء ثلاثه حضرات جا رسمي ءِ
مشهور نالن منجهان هئا، ان ڪري ان وقت ۾ ته ان نالن ۾ ڪابه نفرت نه هئي
جڏهن ته ڪافي عرصو گذرڻ جي ڪري اڄ(....................).
اهل تشيع، عبد الرحمن جي نالي کان نفرت نه ٿا ڪن توڙي جو امام علي ع جو قاتل هيو.... ڇو جو مذهبي ءِ رسمي نالو آهي....
توهان سوال ڪندؤ ته اگر رسمي هئا ته ڇا اهي نالا ٻين ڪنهن جا به هئا؟
جي ها ٻين جا به هئا....
ابوبڪر...
أبوبڪر حضرمي، ابوبڪر بن ابوسمّاڪ، ابوبڪر عياش....
عمر...
عمر بن عبد اللّه ثقفى، عمر بن قيس،عمر بن ابوحفص، عمر بن ابوشعبة! عمر بن اذينة، عمر بن براء، عمر بن حفص......
عثمان...
. عثمان بن ابوجهم الأسلمي؛ 2. عثمان بن حكيم بن ابوالأوقص؛ 3. عثمان بن
حميد بن زهير بن الحارث؛ 4. عثمان بن حنيف بالمهملة؛ 5. عثمان بن ربيعة بن
أهبان؛ 6. عثمان بن ربيعة الثقفي؛ 7. عثمان بن سعيد بن أحمر؛ 8. عثمان بن
شماس بن الشريد؛ 9. عثمان بن طلحة بن ابوطلحة؛ 10. عثمان بن ابوالعاص؛ 11.
عثمان بن عامر بن عمرو؛ 12. عثمان بن عامر بن معتب؛ 13. عثمان بن عبد غنم؛
14. عثمان بن عبيد الله بن عثمان؛ 15. عثمان بن عثمان بن الشريد؛ 16.
عثمان بن عثمان الثقفي؛ 17. عثمان بن عمرو بن رفاعة؛ 18. عثمان بن عمرو
الأنصاري؛ 19. عثمان بن عمرو بن الجموح؛ 20. عثمان بن قيس بن ابوالعاص؛
21. عثمان بن مظعون؛ 22. عثمان بن معاذ بن عثمان؛ 23. عثمان بن نوفل زعم؛
24 . عثمان بن وهب المخزومي؛ 25. عثمان الجهني؛ 26. عثمان بن عفان.
ادا سائين توهان جو سوال جو محور خلفاء ثلاثه جا نالا آهن پر خاص طور تي
توهان عثمان بن علي عليهما السلام جو نالو ذڪر ڪيو آهي ان ڪري پهريان
عثمان نالي جو سبب توهان جي خدمت ۾ ذڪر ڪجي ٿو ان کان بعد ابوبڪر عمر
ابنا علي عليهم السلام جي نالن جو سبب۔۔۔۔۔
عثمان:
جيڪڏهن نالا گهڻا هجن ته ان موقعي تي جيڪڏهن ڪوئي چوي ته فلاڻو نالو فلاني
جي ڪري رکيو ويو آهي ته ان کي دليل آڻڻي پوندي پوء جيڪڏهن دليل نه هجي ته
پوء پنهنجي فائدي ۾ دعوى ڪرڻ غلط هوندي..... بلڪه ان جي مقابله ۾ اسان وٽ
دليل موجود آهي ته امام ع اهو نالو خليفي جي ڪري نه پر عثمان بن مظعون جي
ڪري رکيو هيو.....
إنّما سمّيته بإسم أخي عثمان بن مظعون.
مان پنهنجي پٽ جو نالو پنهنجي ڀاء عثمان بن مظعون جي نالي سان رکيو آهي .
أبو الفرج علي بن الحسين الاصفهاني،(وفات 356)، مقاتل الطالبيين، ج 1، ص 23.
تهذيب الانساب وارو جنگ بدر وارن کي ياد ڪندي لکي ٿو: انهن منجهان هڪ
عثمان بن مظعون آهي جنهن جو نالو علي ع پنهنجي فرزند تي رکيو...
(تهذيب الانساب ص 27)
اگر نالا رکڻ محبت جو ئي ثبوت آهي ته اهل سنت جو مقبول ءِ پسنديده صحابي
عمرو بن عاص آهي... ڇا اهل سنت ڀائر اهيو اقرار ڪندا ته ان جو نالو عمرو
بن عبدود ( دشمن اسلام جيڪو جنگ خندق ۾ واصل جهنم ٿيو هيو) سان محبت جي
ڪري هيو؟؟؟!!!
باقي حضرت ابوبڪر ءِ عمر ع نالن جو سبب آئنده قسط ۾.........
1