امام حسن عسڪري عليه السلام جي زندگي جا سياسي حالات
امام حسن عسڪري عليه السلام جي زندگي جا سياسي حالات
ابومهدي معصومي
عباسي خليفا اسان جي امامن تي سختيون مڙهڻ ۽ انهن کي محدود ڪرڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪندا هئا ليڪن اهي سختيون امام جواد ، امام هادي ۽ امام حسن عسڪري عليهم السلام جي زماني ۾ تمام گهڻو عروج تي رهيون. سختيون ايتري قدر هيون جو انهن امامن عليهم السلام کي عباسين پنهنجي حڪومت جي وچ ۾ رهايو ته جيئن انهن جي تمام ڳالهين آڳاه رهن ايسيتائين جو انهن تمام ننڍڙي عمر ۾ ئي شهادت جو جام پيتو: امام جواد عليه السلام جي شهادت 25 سالن ۾ ، امام هادي عليه السلام جي شهادت 41 سالن ۾ جڏهن ته امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت 28 سالن ۾ ٿي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انهن بزگوارن تي ڪيتريون سختيون ۽ مصيبتون آيون هونديون. ليڪن انهن بزرگوارن منجهان امام حسن عسڪري عليه السلام تي جيڪي مصيبتون ۽ سختيون آيون اهي ٻن سببن جي ڪري امام جواد ۽ هادي عليهما السلام تي آيل مصيبتن کان وڌيڪ هيون:
1_عراق ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام جي زماني ۾ شيعه قوم هڪ وڏي طاقت ۾ اچي چڪي هئي ۽ سڀني کي خبر هئي ته شيعه ان وقت جي عباسي خليفن جا مخالف ۽ انهن منجهان ڪنهن جي به حڪومت کي قانوني ۽ جائز نه ٿا سمجهن، بلڪه ان ڳالھ جا قائل آهن ته امامت الله جي طرفان آهي ۽ امام علي عليه السلام جي اولاد ۾ ئي باقي آهي ۽ ان وقت اهل بيت عليهم السلام جي خاندان منجهان اعلى شخصيت امام حسن عسڪري عليه السلام جن جي هئي. شيعن جي طاقت جو ثبوت، معتمد عباسي جي وزير عبيد الله جو اعتراف آهي ته امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت کان پوءِ سندن ڀاء جعفر (ڪذاب) عبيدالله ٽ ويو ۽ چيائينس ته منهنجي ڀاء جو عهدو منهنجي حوالي ڪر ته ان جي بدلي توکي هر سال ويھ هزار دينار ڏيندس ته وزير جواب ڏيندي چيس: اي احمق! خليفي ايتري قدر تلوار هلائي ته جيئن ماڻهن کي تهنجي والد ۽ ڀاءُ جي امامت کان هٽائي ليڪن نه هٽائي سگهيو ۽ جيتري به ڪوشش ڪيائين ته ڪابه سوڀ نه مليس ان لاءِ اگر ماڻهن جي نظر ۾ تون امام آهين ته پوء تون خليفي يا ڪنهن ٻئي جو محتاج ئي ناهين ۽ اگر ماڻهن وٽ تنهنجو ڪو اهڙو مقام ناهي ته پوءِ ان ڪم ۾ اسان جي ڪنهن به ڪوشش جو ڪو به فائدو نه ٿيندو. (1)
2_ عباسي خاندان ۽ انهن جا پيروڪار متواتر روايات موجود هجڻ جي ڪري اهو ڄاڻين پيا ته اهو مهدي موعود جيڪو سڀني هٿرادو حڪومتن کي نابود ڪندو اهو امام حسن عسڪري عليه السلام جي اولاد منجهان هوندو ان جي ڪري هميشه امام حسن عسڪري عليه السلام جي زندگي جي حالات جي نظرداري پئي ڪيائون ته جيئن سندس فرزند کي هٿ ڪري قتل ڪن بلڪل ائين جيئن فرعوني ماڻهن موسى عليه السلام کي قتل ڪرڻ جي لاء اجائي ڪوشش ڪئي.
مٿي بيان ڪيل سبب جي ڪري امام حسن عسڪري عليه السلام تي تمام گهڻيون سختيون ۽ مصيبتون هيون ۽ سندن هر طرف کان پهرو هيو. عباسي حڪومت کي امام ع جي سماجي مقام ۽ حيثيت کان ايترو ته خوف هيو جو امام ع کي هر هفتي ۾ سومر ۽ خميس جي ڏينهن تي حاضر ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو.(2) عباسي دربار کي ايتري ته وحشت ٿي جو ان تي به اڪتفا نه ڪئي بلڪ معتز بالله امام ع کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو(3) ۽ ايسيتائين جو معتز، سعيد حاجب کي حڪم ڏنو ته امام ع کي ڪوفي وٺي وڃي ۽ رستي ۾ قتل ڪري ليڪن ٽن ڏينهن کان پوءِ ترڪن خود ان معتز بالله کي ئي قتل ڪري ڇڏيو.(4)
ان کان پوءِ مهتدى به امام ع کي جيل ۾ رکيو ۽ امام ع کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو جڏهن ته الله پاڪ ان کي مهلت نه ڏني ۽ تُرڪ ان جي خلاف اٿيا ۽ ان کي قتل ڪري ڇڏيائون.(5)
ڪيترائي ثبوت آهن جيڪي هڪ پاسي عباسي دربار جي خيانتي سازشن کي وائکو ڪن ٿا ته وري ٻئي طرف امام ع جي امنيتي تدبيرن کي چڱيءَ طرح روشن ڪن ٿا جن منجهان ڪجھ بيان ڪجن ٿا:
1_ ابوهاشم دائود بن قاسم جعفري چوي ٿو: اسان ڪجھ نفر جيل ۾ هئاسين ته امام ع ۽ ان جي ڀاءءُ جعفر کي به ان ساڳئي جيل ۾ آندو ويو. اسان ادب جي لاءِ جلدي امام ع جي طرف وياسين ۽ ان جي آس پاس ٿي ويٺاسين. جيل ۾ جمحي نالي هڪ ٻيو قيدي به هيو جنهن پاڻ کي علوي پئي سڏرايو امام ع ان جڏهن ان کي ڏٺو ته ۽ فرمايو ته جيڪڏهن توهان جي درميان ۾ اهو شخص نه هجي ها جيڪو توهان منجهان نه آهي(بلڪه توهان جو مخالف آهي) ته توهان کي اهو ٻڌايان ها ته توهان ڪڏهن آزاد ٿيندوَ. ان وقت امام ع ان جمحي نالي شخص کي اشارو ڪيو ته ٻاهر وڃي ۽ هو ٻاهر ويو پوءِ فرمايائون: هي شخص توهان منجهان نه آهي ان کان احتياط ڪريو ۽ جيڪا گفتگو توهان پاڻ ۾ ڪئي آهي خليفي ڏانهن موڪلڻ لاءِ ان جي رپورٽ تيار ڪئي اٿائين جيڪا هيئنر به ان جي لباس ۾ لڪايل اٿس. اسان منجهان ڪنهن هڪڙي ان جي تالشِ ورتي ته ان جي لباس منجهان هڪ رپورٽ هٿ آئي جنهن اسان جي باري اهم ۽ خطرناڪ ڳالهيون لکيل هيون.(6)
ان واقعي منجهان خبر پوي ٿي ته جيل ۾ امام ع ۽ ان جي شيعن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ عباسي حڪومت جا ماڻهو موڪيل هئا.
2_امام ع جي صحابن منجهان هڪ صحابي چوي ٿو: اسان ٽولي جي صورت ۾ سامراء ۾ داخل ٿياسين ۽ ان ڏينهن جي انتظار ۾ هئاسين ته امام ع گهر کان ٻاهر اچن ته جيئن ان کي رستي يا گلي ۾ ڏسي سگهون ته ايتري ۾ امام ع جو هڪ خط اسان تائين پهتو توهان منجهان ڪير به مون سان سلام نه ڪري ۽ توهان منجهان ڪير به مون ڏانهن اشارو نه ڪري ڇو ته توهان جي جان کي خطرو آهي.(7)
3_ عبدالعزيز بلخي چوي ٿو: هڪ ڏينهن مال پڙي جي رستي ۾ ويٺو هيس ته اوچتو امام حسن عسڪري عليه السلام کي شهر جي دروازي ڏانهن ويندي ڏٺم. دل چيو ته پڪاري پڪاري چوان ته هي الله جي حجت اٿوَ، ان کي سڃاڻو.ليڪن وري سوچيم ته ائين ڪرڻ سان مون کي قتل ڪري ڇڏيندا! امام ع جڏهن منهنجي ويجهو گذريا ۽ مان سندن نگاه ڪيم ته پنهنجي شهادت واري آڱر پنهنجي وات رکي چپ رهڻ جو اشارو ڪيائون! مان جلدي ۾ اڳتي وڌيس ۽ سندن قدم مبارڪ چميم. امام ع فرمايو: خيال رک اگر ظاهر ٿيندين ته قتل ٿي ويندين! ان ڏينهن واري رات امام ع جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته امام ع فرمايو: ڳالهيون راز ۾ رکندا ڪريو نه ته قتل ٿي ويندوَ، پنهنجو پاڻ کي خطري ۾ نه وجهو.(8)
4_ امام حسن عسڪري عليه السلام جي زماني ۾ سامراء جي رهڻ واروهڪ علوي ڪمائڻ جي لحاظ سان بلاد جبل(ايران جو مغربي حصي وارا علائقا) ويو جتي هن سان حلوان جي علائقي جوهڪ امام حسن عسڪري عليه السلام جو محب مليو ۽ ان پڇيس:
ڪٿان کان آيو آهين؟
جواب ڏنائينس سامراء کان
ڇا تو کي فلاڻي محلي ۽ گلي جي خبر اٿئي؟
ها
حسن بن علي جي باري ۾ ڪا خبر اٿئي؟
چيائين نه
هتي ڪهڙي ڪم سان آيو آهين؟
هتي ڪمائڻ لاءِ آيو آهيان.
ان تي محب چيس ته مان توکي 50 دينار ڏيان ٿو هل ته سامراء گڏجي هلون ۽ مون کي تون امام حسن عسڪري عليه السلام جي گهر پهچاءِ ته علوي اها ڳالھ قبول ڪئي ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام جي گهر پهچيائينس .
هن واقعي مان چڱيءَ ريت خبر پوي ٿي ته حڪومت جي تمام گهڻي سختي جي ڪري امام حسن عسڪري عليه السلام تائين پهچڻ ڪيترو ڏکيو آهي ۽ وري حلواني محب رهنمائي جي عوض ۾ جيڪي پئيسا ڏنا ان مان به خبر پوي ٿي ته انهن ڏينهن ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام سان ملاقات جي ڪتري اهميت هئي ڇو ته 50 دينار ان زماني وڏي قيمت هئي ڪجھ علماء جي بقول ته ان وقت ۾ هڪ اُٺ جي قيمت هڪ دينار هئي، مطلب حڪومت جي سختين جي ڪري مومن 50 اُٺ ڏيڻ لاءِ تيار هيو ته جيئن امام حسن عسڪري عليه السلام جي زيارت ٿي سگهي.
امام حسن عسڪري عليه السلام جي فعاليت
امام حسن عسڪري عليه السلام ايترين سختين ۽ مصيبتن ۽ حڪومت طرفان مسلسل چوڪيداري جي باوجود اسلام جي حفاظت ۽ اسلام جي خلاف ٿيندڙ سازشن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون سياسي، سماجي ۽ علمي سرگرميون انجام ڏنيون جن جي طرف اشارو ڪجي ٿو:
1_ آئين اسلام جي دفاع ۽ مخالفن جي شبهن ۽ اعتراضن کي رد ڪرڻ ۽ صحيح اسلامي فڪر کي بيان ڪرڻ ۾ علمي ڪوششون.
2_ مختلف علاعقن جي طرف نمائنده ۽ خط موڪلي اتان جي شيعن سان رابطا برقرار ڪرڻ.
3_ عباسي حڪومت جي چوڪيداري جي باوجود مخفيانه طريقي سان سياسي سرگرميون.
4_عمومي طور تي شيعن ۽ خاص طور تي مخصوص اصحابن جي مالي مدد ڪرڻ.
5_ مشڪلاتن جي مقابلي ۾ اهم شيعن کي سياسي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ.
6_ امامت جي منڪرن کي مائل ڪرڻ جي لاءِ ۽ شيعن جي حوصلن کي وڌائڻ لاءِ علم غيب کي استعمال ڪرڻ.
7_ پنهنجي فرزند ٻارهين امام مهدي عج جي غيبت جي لاءِ شيعن کي آماده ۽ تيار ڪرڻ.
اسان هتي انهن سرگرمين منجهان فقط سياسي سرگرمي کي بيان ڪريون ٿا.
امام حسن عسڪري عليه السلام عباسي حڪومت جي سخت ڪارواين ۽ مصيبتن جي باوجود به عملي اقدام ڪندا هئا، مخفيانه سياسي فعاليتن جي رهبري ڪندا هئا ۽ تمام هوشياري سان جاسوسن جي جي اکين کان پري ۽ لڪيل رهندا هئا. اهڙن واقعن جا گهڻائي مثال آهن پر انهن منجهان هڪ مثال بيان ڪجي ٿو.
حضرت عثمان بن سعيد عمري رض جيڪو امام حسن عسڪري عليه السلام جي تمام ويجهڙن اصحابن منجهان هيو، تيل جو وڪرو ڪندو هيو ۽ ان بهاني سان امام ع سان رابطي ۾ رهندو هيو، ۽ امام ع جا جيڪي شيعه ۽ پيروڪار پنهنجا خمس، تحفه وغيره امام ع کي ڏيڻ چاهيندا هئا ته اهي عثمان بن سعيد عمري رض تائين پهچائيندا هئا ۽ هو اهي تمام شيون تيل جي ٿانوَن ۽ مشقن ۾ وجهي امام ع تائين پهچائيدو هيو.
امام عليه السلام جي اهمترين سرگرمي مشڪلاتن ۽ سختين جي مقابلي ۾ اهم شيعن کي سياسي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن تشيع جي اعلي مقصدن جي پاسداري ڪري سگهجي. جيئن شيعن جون اهم ۽ وڏيون شخصيتون وڏيڪ سختين ۾ هئا ائين ئي امام ع به انهن سختين ۽ شخصيتن جي مناسبت سان اننهن منجهان هر هڪ جي ڪنهن لحاظ سان دلجوئي ۽ رهنمائي ڪندا هئا ۽ انهن جي ارادن کي بلند ڪندا هئا ته جيئن مصيبتن، سختين ۽ فقيري جي مقابلي ۾ سندن صبر ۽ تحمل جو معيار به بلند ۽ اعلى رهي ۽ سياسي ، سماجي ۽ ديني وظيفن جي اعلى ذميداري کي چڱيءَ طرح انجام ڏئي سگهن. دلجوئي جي هڪ مثال:
حضرت محمد بن حسن ميمون چوي ٿو: امام حسن عسڪري عليه السلام کي هڪ خط لکيم جنهن ۾ فقيري ۽ تنگدستي جي شڪايت ڪيم، پر بعد ۾ سوچيم ته مگر امام صادق عليه السلام نه فرمايو آهي ته: اها فقيري جيڪا اسان سان گڏ آهي ان اميري کان بهتر آهي جيڪا ٻين سان گڏ هجي ۽ اسان سان گڏ قتل ٿيڻ اسان جي دشمن سان زنده رهڻ کان بهتر آهي.
امام ع وري به منهنجي دلجوئي ڪندي جواب لکيو:
جڏهن به اسان جي محبن جا گناه گهڻا ٿي وڃن ٿا ته الله انهن کي فقيري ڏئي ٿو ۽ انهن جي گهڻن ئي گناهن کي معاف ٿو ڪري ڇڏي. جيئن تو پاڻ ئي چيو اٿئي ته ـ اها فقيري جيڪا اسان سان گڏ آهي ان اميري کان بهتر آهي جيڪا ٻين سان گڏ هجي ـ اسان انهن جي لاءِ پناهگاه آهيون جيڪي اسان وٽ پناه وٺن ٿا ۽ جيڪي اسان کان هدايت طلب ڪن ٿا اسان انهن لاءِ نور آهيون. اسان انهن جا محافظ آهيون جيڪي (گمراهي کان نجات لاءِ) اسان کي وسيلو قرار ڏين ٿا. جيڪو اسان سان محبت ڪري ٿو اهو اعلى درجي تي اسان سان گڏ آهي۽ جيڪي اسان جي راه جا پيروڪار نه آهن اهي جهنم ۾ ويندا.(9)
حوالا
(1) کشف الغمة، ج 3، ص 197
(2) مناقب آل ابی طالب ج 4، ص 434
(3) بحار الانوار، ج 50، ص 311.
(4) بحار الانوار، ج 50، ص 313.
(5) کتاب الغیبة ، ص 134.
(6) کشف الغمة ، ج 3، ص 222
(7) ، بحار الانوار، ج 50، ص 269.
(8) اثبات الوصیة، ص 243.
(9) ، مناقب آل ابی طالب، ج 4، ص 435-
Normal 0 false false false EN-US X-NONE AR-SA
صحابه جسکے غلام ہیں ہمارا وہ امام ہے