ايران تي حملو، اثرات، انديشا


آمريڪي تيارين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ايران تي حملو ٿيڻ وارو آهي، ان جي تيارين ۾ پهرين ان جي اتحادي شام جي حڪومت جي تبديلي آهي، ڇو ته شام جي حڪومت جي تبديلي کان پوءِ لبنان جي حزب الله جو رابطو ٽٽي ويندو. ائين اسرائيل، آمريڪي منصوبي کي پايهءِ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سولائي سان عمل ڪري وٺندو پاڪستان جي عسڪري قيادت کي حملي جي صورت ۾ مدد نه ڪرڻ جي عيوض بلوچستان جو اثر اٿاريو ويو آهي. بلوچستان جو حصو ڪجهه پاڪستان ۽ ڪجهه ايران ۾ اچي ٿو. ايران سان ڊگهي جهنگ جي صورت ۾ ڪردن وانگر بلوچن جو به هڪ ”No fly zone“ ٺهي سگهي ٿو. تنهن ڪري هن سال دنيا هڪ نئين جنگ، هڪ نئين صف بندي ۽ نوان سياسي ڪردار ڏسندي. اسرائيلي وزير اعظم آمريڪي ڪارپوريٽ جي جونيئر پارٽنر برطانيه ۽ فرانس کي راضي ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 مارچ تي هن جي آخري ۽ فيصلي ميٽنگ آمريڪي صدر باراڪ اوباما سان رکيل آهي. چون ٿا ته هن جنگ جو سڄو خرچ عرب ملڪ ڀريندا اوباما جي ڊيموڪريٽ پارٽي نئين جنگ خلاف آهي. تنهنڪري هن جي ڪوشش آهي ته اسرائيل حملو (جيڪو اپريل ۽ جون وچ ۾ رٿيل آهي) اهو ملتوي ڪجي، يا ته باراڪ اوباما جي اليڪشن جي بلڪل ويجهو هجي يا اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ٿئي. پر اسرائيل کي ”وقت“ جو مسئلو آهي ته انهن مهينن دوران ٿي ته ”ايران ايٽمي“ ڌماڪو ڪري وچ ايشيا جي مسلم علائقن کي ”ٿڌو“ رکڻ لاءِ 1.6 بلين ڊالرز جو فوجي هٿيارن جو معاهدو آذر بائيجان سان ٿيو آهي، ڇو ته آذر بائيجان ايران جو پاڙيسري ملڪ آهي. اسرائيل جي سفارتي محاذ تي عمل اڳتي آمريڪا شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن ايران تي معاشي پابنديون مڙهيون آهن. ڪجهه ڏينهن ۾ ايران جي ڪري دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان چڙهڻ واريون آهن. ”قم“ جي ايٽمي مرڪز کي عام هٿيارن سان ختم نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ شايد ”سرجيڪل ائٽمي آپريشن“ به هڪ آپشن طور رکيو ويو آهي. ايراني حڪومت جيڪا مذهبي آهي، ان لاءِ عوام جي ڪافي حصن ۾ ”خلا“ آهي ايران معاشي ترقي لاءِ ملائيشيا کي ماڊل بنائڻ بجاءِ ائٽمي هٿيارن کي ترجيح ڏني. جنهن ڪري نه صرف اسرائيل پر عرب ملڪن جي حڪومتن کي به ڊيڄاري وڌو، ايران به پنهنجا ”پتا“ کيڏڻ شروع ڪيا آهن، روس، چين، پاڪستان ۽ هندستان سان لاڳاپن ۾ گهرائي آندي آهي. دنيا جي گلوب تي ڄڻ هڪ ”نئين سرد جنگ“ جو دور واپس وريو آهي. هڪ صرف نئين ڳالهه اها ٿي آهي جو اسرائيل جي حملي جي نتيجي ۾ روس، اوڀر يورپ جا يهودي حڪومتن کي ”مخالفت“ ڪرڻ نه ڏيندا. روس ۾ يهودي لابي ”جو هڪ گروپ طاقتور ۽ اقتداري ڌرين سان گڏ آهي. ان ڪري روس، زباني خرچ کان سواءِ ڪجهه به نه ڪندو. جيئن ته فلسطين مسئلو“ ٿڌو آهي. ان ڪري عرب دنيا ۾ سواءِ شام ۽ لبنان جي گهڻو احتجاج نه ٿيندو. سعودي عرب ۽ عرب شيخ ته اڳئي ايران جي وڌندڙ قوت مان خائف آهن، ان ڪري مسلم دنيا جي وڏي حصي تي گهڻو اثر نه پوندو. سعودي عرب، ”طالبان“ جو آمريڪا سان ٺاهه ڪرائي رهيو آهي. باقي پاڪستان ڇا ڪندو؟ اهو به ڏسڻو آهي. محمد حنيف پنهنجي مشهور ناول ”Our lady of Alice bhatti“ جي صفحي نمبر 93 تي هڪ ڪهاوت هن ريت اڪريل آهي. ”فارس جا هنداڻا فقط بيابان ۾ وڌندا آهن ۽ جيڪڏهن سال ۾ هڪ دفعو کان وڌيڪ برسات پئي ته هو مري ويندا آهن“ هن وانگر آمريڪا صرف انهن قومن کي ٽارگيٽ بنائي ٿو، جن جا ذهن وڌيل نه آهن، آمرن جي ڏنڊي جو برساتون صرف عوام تي هجن ٿيون ۽ اهي عوام جا حصا مئل ئي هوندا آهن. ايران ۾ جمهوريت هجي ها، خيالن جي آزادي هجي ها، هٿيارن بجاءِ تعليم تي زور هجي ها ته آمريڪا ته ڇا ڪوبه سپر پاور ڪجهه نه ڪري سگهي ها!

ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي/بدين http://74.91.181.202/Backissues/2012/Feb%2012/27/today_page_04.htm


http://74.91.181.202/Backissues/2012/Mar%2012/03/today_page_04.htm